SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


روايتي مُفادن کان مٿانهين سياست


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


روايتي مُفادن کان مٿانهين سياست

Macropolitics

مئڪرو پالٽڪس

هيٺاهين (Micro) ۽ جهجهي مٿاهين (Macro) سطحن جا اصطلاح معاشيات جي علم ۾ تمام وڏي اهميت رکن ٿا. سياست جي علم ۾ به”مئڪرو“ جو لفظ معاشيات جي علم مان کنيو ويو آهي ۽ ”مئڪرو“ جي عملي طرح سان ترتيب، سماجي سائنس جي مطابق ڏني وئي آهي. سياسي نظريي طور ”مئڪرو پاليٽڪس“ واري اصطلاح جو واسطو، ڪنهن هڪ ملڪ يا علائقي سان نه پر مجموعي ۽ مٿانهين درجي جي سياسي صورتحال سان هوندو آهي. ان صورتحال ۾ ملڪي يا علائقائي فائدي بجاءِ دنيا جي گولي ۽ انسانذات جي مفادن جو خيال رکيو وڃي ٿو. نامياري سماجي سائنسدان ”مارٽن ڪيپلان“، مئڪرو پاليٽڪس جي موضوع هيٺ ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺڻ تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي ۽ سياسي جاگرافيءَ تي ڪم ڪندڙ ماهرن ”هيرالڊ“ ۽ ”اسپرائوٽ“، انسان جي طرفان آسپاس جي سياسي ماحول سان رهندڙ مسلسل لاڳاپي ۽ جَڙت واري عنصر تي تحقيق ڪري ، ”مئڪروپاليٽڪس“ جي نُڪتي کي واضح ڪري سمجهايو آهي. دانشورن ۽ ماهرن مطابق ”ميڪروپاليٽڪس“، بين الاقوامي سياست واري اصطلاح کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته ”مئڪروپاليٽڪس“ ڪنهن خاص ملڪ جي مفادن لاءِ ڪم ناهي ڪندي، جڏهن ته بين الاقوامي سياست ۾ رياست طرفان هميشه ملڪي مفاد سامهون رکيا ويندا آهن


Remember Me Also:

سنهي مڇي

ث. ننڍي مڇي ، ڪچي مڇي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal